آزاد بخاري

آزاد بخاري

آزاد بخاري

آزاد بخاري :مشهورشاعر۽ ڪهاڻيڪار آزاد بخاريجو اصل نالو عبدالڪريم شاهه آزاد بخاري آهي.هن چڪ ضلعي شڪارپور۾ پهرين مئي 1966ع تي جنم ورتو. سندس تعليم بي. ڪام (1985ع)، ايم. اي سنڌي ۽ ايم. ايڊ (2011ع) آهي. چڪ جو مشهور صوفي شاعر شاهه عبدالعزيز بخاري، آزاد بخاريءَ جي پڙڏاڏي مولوي غلام رسول شاهه جو ننڍو ڀاءُ هو. آزاد بخاريءَ جا وڏا پنهنجي دور جا ديني عالم هئا. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تعلقي لکيءَ جي شهر عبدوءَ جي هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ماستر مقرر ٿيو. هن شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيا ۽ ڪيترا ترجما پڻ ڪيا آهن. سندس ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن: ”سندر ناري“ (ڪهاڻيون: 1986ع)، ”رواداري“ (ترجمو: 2007ع)، ”گل، خوشبو، ٻار“ (ٻارن لاءِ شاعري: 2008ع)، ”سيڪيولرزم ڇا آهي؟“ (ترجمو: 2008ع)، ”بنياد پرستي ڇا آهي؟“ (ترجمو: 2008ع)، ”ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو“ (شخصيت ۽ جدوجهد: 2008ع)، ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ (ٻارن لاءِ شاعري: 2011ع)، ”مري شال ملهايان“ (قومي شاعري: 2013ع)، ”چڪ جا چندن هار“ (شخصيتون: 2014ع)، “سائنس ڏنوسوجهرو“ (ٻارن لاءِ سائنسي شاعري: 2015ع)، ”جهڄيو جهانگين ڪاڻ“ (ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو، ٻيو ڇاپو: 2018ع) ۽ ”حق سڃاڻ اي ٻار“ (ٻالڪ شاعري: 2019ع). پاڻ هن وقت چڪ شهر ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ آزاد بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو